دهشتگردي کي پريس رليز ۽ اشتهارن ذريعي ختم نٿو ڪري سگهجي:بلاول ڀٽو زرداري

Bilawal-Bhutto

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري لاهور سانحي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگرد اسان ۽ اسان جي ملڪ جا دشمن آهن، دهشتگرد عورتن، ٻارڙن ۽ فوجي جوانن کي نشانو بڻائي رهيا آهن، دهشتگردي کي پريس رليز ۽ اشتهارن ذريعي ختم نٿو ڪري سگهجي.

بلاول هائوس مان جار ي ڪيل هڪ بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته قومي ايڪشن پلان ڪاغذن ۾ سٺو آهي،ڏکڻ پنجاب ۾ به ايڪشن پلان تي عمل ڪيو وڃي.

هن چيو ته دهشتگرد هٿين خالين معصوم ٻارڙن ۽ عورتن کي نشانو بڻائي رهيا آهن، قوم کي متحد ٿيڻو پوندو.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته دهشتگرد اسان ۽ اسان جي ملڪ جا دشمن آهن، دهشتگردي پريس رليز ۽ اشتهارن سان ختم نه ٿيندي، انتهاپسندن خلاف مثبت قدم کڻڻو پوندو.

پ پ چيئرمين وڌيڪ چيو ته ڏکڻ پنجاب ۾ قومي ايڪشن پلان تي عمل ڪيو وڃي، جڏهن ته ايڪشن پلان سياست جي ور نه چڙهڻ گهرجي…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*