وفاقي سرڪار 1991ع واري پاڻي ٺاهه تي عمل ڪرائڻ بدران ڪالاباغ ڊيم جو رينگٽ ڪري رهي ڪري رهي آهي:سسئي پليجو

senate-pakistan-11-8

پ پ سينيٽر سسئي پليجو چيو آهي ته سمنڊ بدين ۽ ٺٽي جِي هزارين ايڪڙ زمين ڳڙڪائي رهيو آهي، وفاقي سرڪار 1991ع واري پاڻي ٺاهه تي عمل ڪرائڻ بدران ڪالاباغ ڊيم جو رينگٽ ڪري رهي ڪري رهي آهي، نواز ليگ جي نهال هاشمي چيو آهي ته ڊيم ٺاهڻ کانسواءِ ملڪ مان پاڻي بحران حل ڪرڻ ممڪن نه  آهي.

ڪراچي ۾ سينيٽ جي پلاننگ ۽ ڊولپمينٽ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پيپلز پارٽي، نواز ليگ، جماعت اسلامي ۽ ٻين پارٽين جي سينيٽرز ۽ اڳواڻن شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ پ پ جي سسئي پليجو چيو ته سمنڊ ٺٽي ۽ بدين جي هزارين ايڪڙ زمين ڳڙڪائي چڪو آهي، 1991واري پاڻي ٺاهه تي عمل ٿيڻ گهرجي.

هن چيو ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ نواز ليگ سرڪار ٻيهر ڪالاباغ ڊيم جو ذڪر ڪيو، جڏهن ته تڪراري منصوبي کي ٽـَــي اسيمبليز رد ڪري چڪيون آهن.

عاجز ڌامراهه چيو ته سي سي آءِ اجلاس جي بريفنگ ۾ چيو ويو ته ملڪ ۾ ڊيم ٺاهڻ وقت جي اهم گهرج آهي، سمجهه ۾ نٿو اچي ته ملڪ ۾ پاڻي موجود نه آهي، ڊيمن ۾ ڪهڙي بَــــلا جمع ڪئي ويندي.

هن چيو ته وفاقي سرڪار ڪراچي کان بدين تائين وڌندڙ سمنڊ کي روڪڻ لاءِ پلاننگ ڪميشن ۾ منصوبو شامل ڪرائي، جڏهن ته پيپلز پارٽي ڪالاباغ ڊيم جي سخت مخالف آهي.

نواز ليگ جي سيينٽر نهال هاشمي چيو ته 1991ع واري پاڻي ٺاهه تي عمل ٿي رهيو آهي، ڊيم ٺاهڻ کانسواءِ پاڻي بچائڻ ممڪن نه آهي.

جماعت اسلام جي امير ۽ سينيٽر سراج الحق چيو ته وفاقي سرڪار سدائين ڪالاباغ ڊيم جو رينگٽ ڪرڻ بعد خاموش ٿي ويندي آهي، جڏهن ته ڀاشا ڊيم جو تعميراتي ڪم رولڙي جو شڪار آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*