وقت اچي ويو آهي ته قومي ايڪشن پلان تحت سڄي ملڪ ۾ دهشتگردن جو پيڇو ڪيو وڃي:عمران خان

imran-khan

پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان پنجاب ۾ دهشتگردن خلاف فوجي آپريشن جي حمايت ڪندي چيو آهي ته وقت اچي ويو آهي ته قومي ايڪشن پلان تحت سڄي ملڪ ۾ دهشتگردن جو پيڇو ڪيو وڃي، اسلام جي نالي تي دهشتگردي ڪندڙ دين جي خلاف آهن.

تحريڪ انصاف جو سربراهه لاهور جي جناح اسپتال پهچي گلشن اقبال پارڪ ڌماڪي جي زخمين جي عيادت ڪئي، جنهن دوران کيس صورتحال بابت آگاهه ڪيو ويو.

جناح اسپتال ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان  چيو ته هــُـو پنجاب ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن جي حمايت ڪري ٿو، بيگناهه ماڻهن کي نشانو بڻائيندڙن جو گيهرو تنگ ڪيو وڃي.

هن چيو ته اسلام جي نالي تي دهشتگردي ڪندڙ دين جي خلاف آهن، جيڪڏهن ڪو سمجهي ٿو ته  اهڙي ڪڌي ڪاررواين سان اسلام جي ويجهو ويندو ته اهو غلط آهي.

عمران خان چيو ته سڄي ملڪ ۾ دهشتگردن جو پيڇو ڪيو وڃي، ڪي پي هجي يا پنجاب، دهشتگردن خلاف مثبت ايڪشن کڻڻ وقت جي اهم گهرج آهي.

پي ٽي آءِ سربراهه پوليس تي ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ۽ پنجاب ۾ سياسي ڀرتين سبب پوليس مڪمل طور تباهه ٿي وئي آهي، جڏهن ته پوليس کي وي آءِ پيز بدران عوام جي سڪيورٽي لاءِ استعمال ڪيو وڃي.

عمران خان حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو ته عوام بم ڌماڪن ۾ جانيون وڃائي رهيو آهي ۽ پنجاب حڪومت رڳو اربين رپيا ميٽرو بس منصوبن تي خرچ ڪرڻ ۾ رڌل آهي، جيڪڏهن حڪومت ڪو سٺو ڪم ڪرڻ چاهي ته اها عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت يقيني بڻائي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*