دهشتگرد حملن ۾ شهيدن ٿيندڙن جي رت جي ڦڙي ڦڙي جو حساب ورتو پيو وڃي،وزيراعظم نوازشريف

Nawaz-Sharif-Speech-28-3-16

وزيراعظم نوازشريف چيو آهي ته دهشتگرد حملن ۾ شهيدن ٿيندڙن جي رت جي ڦڙي ڦڙي جو حساب ورتو پيو وڃي، دهشتگرد ۽ انهن جا مددگار جتي به لڪل آهن، اهي بچي نه سگهندا، الله ۽ رسول جي نالي تي بدامني ۽ فرقيواريت پکيڙيندڙن کي برداشت نه ڪيو ويندو، حڪومت جي نرمي کي رياست جي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي.
قوم کي خطاب ڪندي وزيراعظم نوازشريف چيو ته لاهور سانحي تي پاڪستان جو دل زخمي ۽ هر پاڪستاني ڏک ۾ ورتل آهي.
وزيراعظم چيو ته گذريل ڪجهه مهينن دوران دهشتگردن معصوم ماڻهن کي نشانو بڻايو، شهيدن جي رت جي ڦڙي ڦڙي جو حساب رکيو پيو وڃي ۽ دهشتگردن کان حساب ورتو به وڃي پيو.
نوازشريف چيو ته دهشتگردن لاءِ پاڪستان جي زمين تنگ ڪئي وئي آهي، انهن کي ٻيهر اٿڻ نه ڏينداسين، دهشتگرد ۽ انهن جا مددگار جنهن به ويس ۾ جتي به لڪل آهن، اهي بچي نه سگهندا.
وزيراعظم چيو ته دهشتگرد اهو نه وسارن ته پاڪستاني قوم هڪ فولادي عزم جي سانچي ۾ اچي چڪي آهي، دهشتگردي ڪاررواين سان اسان جو عزم ڪمزور نه ٿو ڪري سگهجي.
نوازشريف چيو ته افسوس آهي جو 13 سالن تائين ڪنهن به دهشتگردي جي فتني جي اکين ۾ اکيون وجهي نه ڏٺو، پر هُنن حڪومت سنڀاليندي ئي دهشتگردي جي خاتمي جو پڪو پهه ڪيو.
وزيراعظم چيو ته اسلام امن، سلامتي ۽ اخوت جو دين آهي، الله ۽ رسول جي نالي تي بدامني پکيڙي عوام لاءِ مشڪلاتون پيدا ڪندڙن کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو.
نوازشريف چيو ته نفرت ۽ فرقيواريت پکيڙيندڙن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو، حڪومت هيل تائين صبر جو مظاهرو ڪيو پر سندن نرمي کي رياست جي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*