سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ کنڊ جو اگهه مقرر واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران آبادگارن ۽ شگر ملرز وچ ۾ ڏنڌ چڪ ٿي پئي

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ کنڊ جو اگهه مقرر واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران آباد گارن ۽ شوگر ملرز وچ ۾ ڏند چڪ ٿي ، سنڌ سرڪار هڪ ڀيرو ٻيهر کنڊ جو اگهه مقرر ڪرڻ ۾ ناڪام ثابت ٿي آهي، حڪومت عدالت ۾ جمع ڪرايل  رپورٽ ۾ چيو آهي ته اگهه ملڪي سطح  تي طئي ٿيندا ان لا صوبن سان مشاورت ڪرڻي آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس مقبول باقر جي سربراهي ۾ ڊويزن بئنچ کنڊ جو اگهه مقرر واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي،جنهن دوران سنڌ حڪومت پاران رپورٽ پيش ڪئي وئي.

رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سنڌ حڪومت تڪڙ ۾کنڊ جا اگهه  مقرر نٿي ڪري سگهي ۽ اگهه  ملڪي سطح تي مقرر ٿيڻا آهن، ان لاءِ ٻين صوبن سان به مشاورت ڪرڻي آهي.

ٻڌڻي دوران شوگر ملرز عدالت کي ٻڌايو ته هو 155 رپين کان وڌيڪ اگهه تي ڪمند خريد نٿا ڪري سگهن ۽ شوگر ملز ۾ آيل ڪمند واپس نه ڪرڻ جا پابند آهن.

چيف جسٽس آبادگارن کي چيو ته هو لکت ۾ بيان جمع ڪرائن ته  155 رپين ۾ ڪمند وڪرو نه ڪرڻ جي صورت ۾ شوگر ملرز کين ڪمند واپس ڪري سگهن ٿا.

ڪمند جي اگهه واري معاملي تي آباد گارن  ۽ شوگر ملرز وچ ۾ ڏند چڪ ٿي، جنهن کانپوءِ چيف جسٽس ۽ جسٽس شاهنواز طارق ڪجهه  دير لاءِ چيمبر ۾ هليا ويا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*