پي آءِ اي قومي ناڻي تي بار بڻجي ويو آهي، قومي ايئرلائين جي بهتري لاءِ مثبت قدم کنيا پيا وڃن:اسحاق ڊار

ishaq-dar18-11

ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار گڏيل پارلياماني ڪميٽي جي اجلاس کي بريفنگ ڏيندي چيو آهي ته پي آءِ اي قومي ناڻي تي بار بڻجي ويو آهي، قومي ايئرلائين جي بهتري لاءِ مثبت قدم کنيا پيا وڃن.

زاهد حامد جي صدارت هيٺ گڏيل پارلياميني ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ناڻي واري وزير اسحاق ڊار، نجڪاري بورڊ جي چيئرمين زبير ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ بريفنگ ڏيندي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار چيو ته پي آءِ اي کي ڪارپوريٽ ڪرڻ حڪومتي ايجنٽي جو حصو آهي.

هن چيو ته پيٽرول اگهن ۾ لاٿ باوجود 9 مهينن دوران قومي ايئرلائين کي 7 ارب 75 ڪروڙ رپين جو نقصان پهتو آهي.

اسحاق ڊار چيو ته 30 جون تائين پي آءِ اي کي 22 ارب رپيا گهربل آهن، جڏهن ته قومي ايئر لائين جي اثاثن جو ڪاٿو ڏيڍ سئو ارب رپيا لڳايو ويو آهي.

اسحاق ڊار وڌيڪ چيو ته پي آءِ اي ملازمن کي گهر موڪلڻ حڪومتي پلان جو حصو نه آهي، قومي ايئرلائين جي بهتري لاءِ قدم کنيا پيا وڃن…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*