سياسي پارٽين جو متحد ٿيڻ دهشتگردن خلاف پهريون قدم آهي وزيراعظم نواز شريف

 وزيراعظم نواز شريف سان گڏيل عرب امارتن جي شهزادن ملاقات ڪري پشاور سانحي تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي، وزيراعظم چيو آهي ته ملڪ مان دهشتگردي جو خاتمو آڻي ئي سک جو ساهه  کنيو  ويندو.

جاتي امرا رائيونڊ ۾ وزيراعظم نواز شريف سان گڏيل عرب امارتن جي شهزادن ملاقات ڪئي، ملاقات دوران عرب شهزادن پشاور سانحي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي معصوم ٻارڙن جي شهادت تي ڏک جو اظهار ڪيو.

ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم نواز شريف چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ڪاميابي سان جاري آهي، دهشتگردي جو خاتمو آڻي ئي سک جو ساهه کنيو ويندو.

وزيراعظم چيو ته سياسي پارٽين جو متحد ٿيڻ دهشتگردن خلاف پهريون قدم آهي.

وزيراعظم نواز شريف وڌيڪ چيو ته ن ليگ جي حڪومت عوامي منصوبن تي تيزي سان ڪم ڪري رهي آهي، منصوبن کي وقت سان مڪمل ڪيو ويندو ته جيئن ان جا ثمر عوام تائين پهچي سگهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*