پيپلز پارٽي لاهور سانحي کانپوءِ پنجاب ۾ پوليس کي غِير سياسي بڻائڻ ۽ رينجرز مقرر ڪرڻ لاءِ ٺهراءُ جمع

punjab-assembly

پيپلز پارٽي لاهور سانحي کانپوءِ پنجاب ۾ پوليس کي غِير سياسي بڻائڻ ۽ رينجرز مقرر ڪرڻ لاءِ ٺهراءُ جمع ڪرايو ويو آهي، ٺهراءُ جي متن ۾ چيو ويو آهي ته حڪومت عوام کي تحفظ فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي، امن امان جي بحالي لاءِ رينجرز کي مقرر ڪيو وڃي.

پاڪستان پيپلز پارٽي جي صوبائي وزير جهانگير وٽو پنجاب اسيمبلي جي سيڪريٽريٽ ۾ ٺهراءُ جمع ڪرايو.

ٺهراءُ جي متن ۾ چيو ويو آهي ته پوليس کاتي کي سياسي مداخلت کان پاڪ ڪري عوام جي جان ۽ مال کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

ٺهراءُ ۾ مطالبو ڪيو آهي ته پنجاب حڪومت صوبي ۾ امن امان قائم ڪرائڻ ۾ ناڪام وئي آهي، جڏهن ته پوليس کي به سياسي بڻايو ويو آهي.

پيپلز پارٽي ٺهراءُ ۾ چيو ته وفاقي حڪومت ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال بهتر بڻائڻ لاءِ مثبت قدم کڻي…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*