وفاقي گهرو وزارت، سپر ماڊل ايان علي جو نالو ايگزيڪٽ ڪنٽرول مان خارج بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينيج

ayan-ali

وفاقي گهرو وزارت، سپر ماڊل ايان علي جو نالو ايگزيڪٽ  ڪنٽرول مان خارج بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينيج ڪري ڇڏيو، درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو آئين جي روح خلاف آهي، سپريم ڪورٽ فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏي.

گهرو وزارت، ماڊل گرل ايان علي جو نالو اي سي ايل مان خارج ڪرڻ واري سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ڪرنسي اسمگلنگ ڪيس م جوابداره ايان علي کي سندس نالو ايگزيڪٽ ڪنٽرول لسٽ شامل ڪرڻ وقت نوٽيس موڪليو ويو هو.

گهرو وزارت درخواست ۾ اهو به ڄاڻايو آهي ته سپر ماڊل ايان علي پنهنجو نالو ايگزيڪٽ ڪنٽرول لسٽ مان خارج ڪرائڻ لاءِ گهرو وزارت سان رابطو ڪرڻ بدران سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي.

گهرو وزارت چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو آئين جي روح کان مٿانهون آهي، سپريم ڪورٽ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏي.

واضح رهي ته سپر ماڊل ايان علي تي ڪرنسي اسمگلنگ ڪيس ۾ فرد جرم لاڳو ٿيل آهي،جڏهن ته مني لانڊرنگ جو ڪيس هلائڻ لاءِ به درخواست داخل ٿيل آهي…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*