سنڌ هاءِ ڪورٽ، سيوهڻ ڊولپمينٽ اٿارٽي جي اڳوڻي ڊي جي ۽ ٻين عملدارن جي درخواستن تي نيب چيئرمين کي 2 اپريل تي پيش ٿيڻ لاءِ شوڪاز نوٽيس جاري

NAB '

سنڌ هاءِ ڪورٽ، سيوهڻ ڊولپمينٽ اٿارٽي جي اڳوڻي ڊي جي ۽ ٻين عملدارن جي درخواستن تي نيب چيئرمين کي 2 اپريل تي پيش ٿيڻ لاءِ شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن، جڏهن ته عدالت هڪ ڪمپني جي سيلز جي ري فنڊ تي نيب پاران 43 لک رپين جو ريفرنس داخل ڪرڻ خلاف درخواست تي نيب پراسيڪيوٽر جنرل کي  نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس احمد علي شيخ جي سربراهي ۾ بينچ سيوهڻ ڊولپيمنٽ اٿارٽي جي اڳوڻي ڊي جي اصغر عباس، حاجي سراج الدين ۽ ٻين عملدارن جي درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي.

جاچ آفيسر جي پيش نه ٿيڻ تي عدالت سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، جنهن دوران نيب جي پراسڪيوٽر نور محمد دايو چيو ته جاچ آفيسر جي پيش نه ٿيڻ تي هو ڪجهه به نٿو ڪري سگهي ۽ جيڪڏهن عدالت حڪم ڏنو ته هو عهدو ڇڏڻ لاءِ به تيار آهي.

عدالت جاچ آفيسر جي پيش نه ٿيڻ تي سخت ناراضگي جو اظهار ڪرڻ بعد نيب چيئرمين کي 2 اپريل تائين پيش ٿيڻ لاءِ شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن هو پيش نٿو ٿي سگهي ته ڪنهن سنييئر آفيسر کي پيش ٿيڻ جي هدايت ڪري.

ساڳئي بينچ هڪ ڪمپني پاران سيلز ٽئڪس ري فنڊ تي 43 لک رپين جو ريفرنس داخل ڪرڻ خلاف درخواست تي ناراضگي جو اظهار ڪندي نيب جي پراسڪيوٽر جنرل کي طلب ڪيو آهي.

عدالت چيو آهي ته پراسڪيوٽر جنرل وضاحت ڪري ته نيب کي ڪيتري رقم تائين ريفرنس داخل ڪرڻ جو اختيارآهي.

درخواستگذار موقف اختيار ڪيو آهي ته قانون موجب، نيب کي چار ڪروڙ 50لک کان گهٽ رقم تي ڪارروائي جو اختيار نه آهي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*