آمريڪا ۾ وڻ تي چڙهي 25 ڪلاڪ تائين پوليس ۽ شهرين کي تنگ ڪندڙ شخص تي پوليس تي حملي ۽ وڻ کي نقصان رسائڻ جا قلم لڳايا ويا

amrica

آمريڪا ۾ وڻ تي چڙهي 25 ڪلاڪ تائين پوليس ۽ شهرين کي تنگ ڪندڙ شخص تي پوليس تي حملي ۽ وڻ کي نقصان رسائڻ جا قلم لڳايا ويا آهن.

آمريڪا  جي گادي واري شهر واشنگٽن ۾ گذريل هفتي هڪ شخص ڪوڊي لي ملر  80 فوٽ اوچي وڻ جي چوٽيءَ تي چڙهي ويو هو، جنهن پوليس ۽ ماڻهن جي بار بار هدايتن باوجود 25 ڪلاڪن تائين هيٺ لهڻ کان انڪار ڪيو.

ڪوڊي لي ملر پوليس توڙي واٽهڙن مٿان وڻ جون ٽاريون پٽي اڇلائيندو رهيو ۽ تنگ ڪندو رهيو.

واشنگٽن ۾ ڪنگ ڪائونٽي جي پراسيڪيوٽر اسٽيفن هرشڪو وِٽز ڪوڊي لي ملر جي اهڙي ڏوهه تي مٿس 7 هزار 8 سو ڊالر ڏنڊ لڳايو آهي.

ملر کي ٻيهر 11 اپريل تي ڪنگ ڪائونٽي ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويندو.

پراسيڪيوٽر موجب ڪوڊي لي ملر جو اهڙو عمل وقت ۽ پيسي جي زيان کانسواءِ ڪجهه به نه هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*