صوبي ۾ ڪوبه نوگو ايريا نه آهي ۽ نه وري ڪو دهشتگردن جو گروهه منظم آهي:راڻا ثناءُ الله

rana-sanallah

پنجاب جَي قانون واري وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته صوبي ۾ ڪوبه نوگو ايريا نه آهي ۽ نه وري ڪو دهشتگردن جو گروهه منظم آهي، ڪارروائيون ايڪشن پلان تحت ڪيون پيون وڃن.

لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي راڻا ثناءُ الله چيو ته ڏکڻ پنجاب ۾ پاڪ فوج دهشتگردن کي بست بابود ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته امن دشمنن جي ٺڪاڻن کي تباهه ڪيو ويو آهي.

هن چيو ته قومي ايڪشن پلان تحت پنجاب ۾ ڪارروائيون جاري آهن، صوبي ۾ ڪوبه نوگو ايريا موجود نه آهي ۽ نه ئي وري دهشتگردن جو ڪو منظم گروهه آهي.

سندس چوڻ هو ته پنجاب پوليس حساس ادارن سان گڏجي 24 ڪلاڪن دوران 56 آپريشن ڪيا، دهشتگردي ٽوڙ فورس هيل تائين 16 ڪارروائيون ڪري چڪي آهي.

پنجاب جي قانون واري وزير راڻا ثناءُ الله پوليس ۽ ڳجهن ادارن ڪارروائين دوران پنج هزار 2سئو 21 ڄڻن کي گرفتار  ڪيو، جاچ بعد 5 هزار 55 ماڻهن کي آزاد ڪيو ويو.

هن چيو ته چيو ته حڪومت لاهور سانحي جي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي جوڙي ڇڏي آهي، هٿين خالي شهرين کي نشانو بڻائيندڙن کي ڪنهن به بخش نه ڪيو ويندو.

هڪ سوال جي جواب ۾ راڻا ثناءُ الله چيو ته حڪومت وٽ صوبي جي سمورن مدرسن، استادن ۽ شاگردن بابت ڄاڻ حاصل آهي، جڏهن ته صوبي ۾ ڪو به نوگو ايريا موجود نه آهي ۽ نه وري دهشتگردن جو ڪو گروپ منظم آهي…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*