لاهور سانحي ۽ پارليامينٽ آڏو مذهبي جماعت جي ڌرڻي کانپوءِ واري صورتحال تي ويچارڻ لاءِ وزير اعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ اهم اجلاس

Nawaz-Sharif-Speech-28-3-16

لاهور سانحي ۽ پارليامينٽ آڏو مذهبي جماعت جي ڌرڻي کانپوءِ واري صورتحال تي ويچارڻ لاءِ وزير اعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ اهم اجلاس جاري آهي، جنهن ۾ لاهور ڌماڪي جي جاچ ۾ ٿيل اڳڀرائين بابت بريفنگ ڏني  پئي وڃي.

پي ايم هائوس اسلام آباد ۾ وزير اعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ جاري اجلاس ۾ وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار، ناڻي وارو وزير اسحاق ڊار، پرويز رشيد ۽ ٻيا اڳواڻ شريڪ آهن.

ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ وفاقي وزير چوڌري نثار علي پاران امن امان جي صورتحال بابت وزير اعظم نواز شريف کي تفصيلي بريفنگ ڏني پئي وڃي.

ذريعن موجب، اجلاس ۾ لاهور سانحي جي جاچ ۾ ٿيل اڳڀرائين بابت به وزير اعظم نواز شريف کي بريفنگ ڏني پئي وڃي.

واضح رهي ته لاهور سانحي کانپوءِ اعظم نواز شريف امريڪا ۽ برطانيا جا رٿيل دورا ملتوي ڪري ڇڏيا هئا……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*