لاڙڪاڻي جي بوائز ڊگري ڪاليج ۾ پرنسپال ۽ پروفيسرز ۾ جهيڙي کانپوءِ پرنسپال جي فرياد تي ٽن استادن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو

Larkana-Teacher-Attacks-29-3-16

لاڙڪاڻي جي بوائز ڊگري ڪاليج ۾ پرنسپال ۽ پروفيسرز ۾ جهيڙي کانپوءِ  پرنسپال جي فرياد تي ٽن استادن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ڊائريڪٽر ڪاليجز جو چوڻ آهي ته عملدارن وچ ۾ٺاهه ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي.
بوائز ڊگري ڪاليج ۾ پرنسپال غلام سرور قريشي، پروفيسر مبين لانگاهه ۽ امتياز شاهه وچ ۾ جيهڙي دوران عملدارن هڪ ٻئي کي  مڪون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو.
جهيڙي دوران انتظاميه وچ ۾ اچي جهيڙو ختم ڪرايو، جنهن کانپوءِ ٻئي ڌريون هڪ ٻئي تي ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ رحمت پور ٿاڻي تي پهچي ويون.
پرنسپال غلام سرور قريشي جو چوڻ هو ته، هُو هاءِ ڪورٽ جي حڪم تحت وزٽ لاءِ  جيئن ئي ڪاليج پهتو ته پروفيسرز مٿس حملو ڪري کيس زخمي ڪيو آهي.
پروفيسر مبين لانگاهه ۽ امتياز شاهه جو چوڻ هو ته پرنسپال ڪجهه ماڻهن سان گڏ ڪاليج جي هڪ ڪلاس روم ۾ ويهي رهيو، جنهن سبب شاگردن جي پڙهائي متاثر ٿي رهي هئي.
هنن چيو ته پرنسپال کي ڪاليج مان نڪري وڃڻ جو چيوسين ته هن غلط لفظ استعمال ڪيا.
پوليس پرنسپال غلام سرور قريشي جي فرياد تي ٽن استادن لعل بخش ڪلهوڙو، مبين لانگاهه ۽ امتياز شاهه تي هنگامي جو ڪيس داخل ڪري ورتو آهي.
ڊائريڪٽر ڪاليجز اطهر منگي جو چوڻ آهي جهيڙي جا ڪارڻ معملوم ڪرڻ لاءِ جاچ جاري آهي، ڌرين سان ڳالهيون ڪري انهن ۾ ٺاهه ڪرايو ويندو………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*