پير پاڳاري سان ذاتي لاڳاپا آهن مخدوم امين فهيم

قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه ۽ اڳوڻي وزير اعظم راجا پرويز اشرف ڪراچي ۾  مخدوم امين فهيم سان ملاقات ڪري آصف زرداري جو پيغام پهچايو، مخدوم امين فهيم چيو آهي ته پير پاڳاري سان سندس ذاتي لاڳاپا آهن، جتي به چوندو ساڻس گڏ وڃڻ لاءِ تيار آهيان.

ڪراچي ۾ خورشيد شاهه ۽ راجا پرويز اشرف مخدوم امين فهيم جي گهر وڃي کيس آصف زرداري جو پيغام پهچايو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ مخدوم امين فهيم پاران پير پاڳاري سان گڏ پرويز مشرف  سان ملاقات واري معاملي تي  پارٽي اڳواڻن مخدوم امين فهيم کي آصف زرداري  جو خاص پيغام پهچايو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*