سکر سينٽرل جيل ون جو قيدي نظام الدين فوت ٿي ويو

سرڪار پاران موت جي سزا تان پابندي ختم ڪرڻ بعد ملڪ جي مختلف جيلن ۾ موت جي سزا کاڌل قيدي ڦاهي جا منتظر آهن، سکر سينٽرل جيل ون جو قيدي جيڪب آباد واسي نظام الدين فوت ٿي ويو آهي.

سکر سينٽرل جيل ون جو قيدي نظام الدين ڏهوٽ کي سول اسپتال سکر منتقل ڪيو ويو ، جتي هن دم ڏنو.

فوت ٿي ويل قيدي نظام الدين کي اٽڪل 10 سال اڳ عدالت موت جي سزا ٻڌائي وئي هئي.

جيل ذريعن موجب، قيدي نظام الدين ڏهوٽ ڊگهي عرصي کان بيمار هو، جنهن اڄ سول اسپتال ۾ دم ڏنو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*