زراعت جي ترقي لاءِ جاپان کان گهرايل ڪروڙين روپين جي مشينري ناڪار ٿي وئي

jafrabad-japani-matation

زراعت جي ترقي لاءِ جاپان کان گهرايل ڪروڙين روپين جي مشينري ناڪار ٿي وئي.محڪمي جي لاپرواهي سبب اڪثر مشينن جو سامان چوري ٿيڻ لڳو.ضلعي انتظاميا پڻ خاموش تماشائي،رپورٽ موجب 15 سال اڳ زراعت جي ترقي خاطر جاپان کان گهرايل ڪروڙين روپين جي قيمتي مشينري ايم ايم ڊي محڪمي جي عملدارن جي مسلسل غفلت ۽ لاپرواهي سبب مڪمل طور تي تباه تي ناڪاره بڻجي وئي.جڏهن ته گزريل ٽن سالن کان محڪمي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر کي پڻ نصيرآباد منتقل ڪري آفيس کي عملدارن لاوارث بنائي ڇڏيو جنهن سبب ڪروڙين روپين جي رکين سرڪاري مشينري جو سامان چوري ٿيڻ لڳو جنهن جي ڪري زرعي ترقي لاءِ مليل مشينري ناڪاره حالت ۾ عملدارن توڙي محڪمي جي بي حسي جو منظر پيش ڪري رهي آهي .علائقي جي آبادگارن هن ڏس ۾ حڪومت کان گهر ڪئي آهي ته فوري طور تي قيمتي مشينري جي سار سنڀال ڪري مشينري زرعي شعبي لاءِ استعمال هيٺ آڻي آبادگارن کي فراهم ڪئي وڃي ته جيئن زرعي شعبو تباهي کان بچي سگهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*