سنڌ ۾ غير مقامي ماڻهو وزير ٿي وڃن ٿا قيصر بنگالي

ڪراچي ۾ امن ڪانفرنس دوران سول سوسائٽي ۽ سياسي سماجي تنظيمن جي نمائندن ڪراچي ۾ ووٽ ۽ ملڪيت جو حق رڳو پراڻن ۽ نون سنڌين کي ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي، قيصر بنگالي چيو آهي ته آبادي جو دٻاءُ نه گهٽايو ويو ته 2045 تائين ڪراچي پشتون شهر ٿي ويندو.

ڪراچي جي هوٽل ۾ سماجي تنظيم پائلر جي ميزباني هيٺ امن ڪانفرنس ٿي آهي، جنهن ۾ قيصر بنگالي، ڪرامت علي، گل حسن ڪلمتي، پنجاب مان ايڊووڪيٽ فرزانه ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

مقررن چيو ته ڪراچي ۾ غير مقامي ماڻهن جو دٻاءُ وڌي رهيو آهي،جنهن سان مقامي ماڻهن جا حق متاثر ٿي رهيا آهن.

قيصر بنگالي امن ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته ڀارت جي ڪجهه صوبن ۾ ملڪيت جو حق رڳو مقامي ماڻهن کي حاصل آهي، پر سنڌ ۾ جعلي ڊوميسائيل تي نوڪري وٺڻ ته پري جي ڳالهه، غير مقامي ماڻهو وزير  ٿي وڃن ٿا.

هن چيو ته ڪراچي ۾ آبادي کي ڪنٽرول ڪري قانونسازي نه ڪئي وئي ته 2045 تائين ڪراچي پشتون شهر ٿي ويندو ۽ اهو عمل سنڌي توڙي اردو ڳالهائيندڙن لاءِ پريشان ڪندڙ آهي.

مقررن مطالبو ڪيو ته ڪراچي ۾ ملڪيت ۽ ووٽ جو حق رڳو پراڻن ۽ نون سنڌين کي ڏنو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*