برازيل جي وڏي سياسي پارٽي صدر جيلما روسيف جي حڪومتي اتحاد کان ڌار ٿي وئي

brazil

برازيل جي وڏي سياسي پارٽي صدر جيلما روسيف جي حڪومتي اتحاد کان ڌار ٿي وئي آهي، جنهن بعد رائوسيف لاءِ مواخذي کان بچڻ ڄڻ ته ناممڪن ٿي ويو آهي.

برازيل ڊيموڪريٽڪ موومينٽ يا پي ايم ڊي بي جي نائب صدر ۽ سينيٽر روميرو جوڪا بريسيليا ۾ اعلان ڪيو ته سندن پارٽي صدر روسيف جي حڪومت کان ڌار ٿيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

پي ايم ڊي بي جي قيادت اهم اجلاس دوران فيصلو ڪيو ته سندن پارٽي جا ڪابينا ۾ بچيل باقي 6 وزير به استعيفيٰ ڏين ٻي صورت ۾ انهن خلاف پارٽي ضابطن جي ڀڃڪڙي واري ڪارروائي ڪئي ويندي

مخالف ڌر جو مطالبو آهي صدر جيلما روسيف کي سندس عهدي تان هٽايو وڃي، ڇاڪاڻ ته هن وڌندڙ خساري کي لڪائڻ لاءِ حساب ڪتاب ۾ هيرا ڦيري ڪئي، انکانسواءِ روسيف تي ڪرپشن جا به الزام آهن ته کيس اڳوڻي صدر کي ڪرپشن ڪيسن کان بچائڻ لاءِ پنهنجا اختيار استعمال ڪرڻ جا الزام به آهن، جنهن خلاف وڏي پيماني تي احتجاج به جاري آهي.

امڪان آهي ته مک پارٽي جي حڪومت کان ڌار ٿيڻ بعد جيلما روسيف کي مئي تائين معطل ڪيو ويندو ۽ سندس جاءِ تي ملڪ جو نائب صدر مچل ٽيمر وٺندو، جيڪو پي ايم ڊي بي جو اڳواڻ آهي، صدر روسيف جو سينيٽ ۾ مواخذو ڪيو ويندو، جنهن بعد ئي روسيف جي مستقبل جو فيصلو ٿيندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*