امريڪا جي ريپبليڪن پارٽي جي صدارتي اميدوارن جي ڊوڙ ۾ شامل ڊونلڊ ٽرمپ جي چونڊ مهم جي مينيجر ڪورَي ليوانڊووسڪي جي گرفتاري کانپوءِ مٿس هڪ صحافي تي حملي جي الزام هيٺ ڪيس داخل

trump-meniger

امريڪا جي ريپبليڪن پارٽي جي صدارتي اميدوارن جي ڊوڙ ۾ شامل ڊونلڊ ٽرمپ جي چونڊ مهم جي مينيجر ڪورَي ليوانڊووسڪي جي گرفتاري کانپوءِ مٿس هڪ صحافي تي حملي جي الزام هيٺ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

ڪورَي ليوانڊووسڪي تي الزام آهي ته 8 مارچ تي جڏهن مشيل فيلڊز نالي صحافي کانئس ڪو سوال پڇيو ته ان کيس زمين تي ڪيرائي وڌو، جنين ڪري مشيل جي ٻانهن زخمي ٿي پئي هئي.

ڪورَي ليوانڊووسڪي کي پوليس فلوريڊا جي علائقي جوپيٽر مان گرفتار ڪيو، جڏهن واقعي جي ويڊيو فٽيج به جاري ڪئي وئي آهي.

ڊونلڊ ٽرمپ جي ڪيمپ مان جاري ٿيل هڪ بيان ۾ چيو ويو آهي ته ليوانڊووسڪي پاڻ مٿان لڳايل الزامن کان انڪار جو ارادو رکي ٿو.

واقعي سامهون اچڻ بعد ڪورَي ليوانڊووسڪي الزام کي رد ڪندي چيو ته هن مشل کي هٿ به نه لاٿو آهي ۽ نه ئي هو ڪڏهن ساڻس مليو آهي،

ٽرمپ پنهنجي چونڊ مهم جي مينيجر جو بچاءَ ڪندي چيو آهي ته جيتوڻيڪ هي واقعو سندس لاءِ به سياسي طور فائديمند نه آهي پر ان هوندي به هن پنهنجي مينيجر کي چيو آهي ته هو ڪيس وڙهي.

ڊونلڊ ٽرمپ جي مخالف جان ڪيسچ جو چوڻ هو ته چونڊ مهم مينيجر جو ورتاءُ تمام خراب هو، صحافي هجي يا ڪو ٻيو، اها اسان جي ڌيءَ به ٿي سگهي ٿي، ان جو احترام ڪرڻ گهرجي.

ڊيموڪريٽ صدارتي اميدوارن جي ڊوڙ ۾ شامل هليري ڪلنٽن هو عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ ڪنهن ڪيس تي تبصرو نٿي ڪرڻ چاهي پر ايترو ضرور چوندي ته سڄي صورتحال جو ذميوار ڊونلڊ ٽرمپ آهي.

ڊونلڊ ٽرمپ جيتوڻيڪ ڪيترين ئي رياستن ۾ صدارتي اميدوار جي نامزدگي لاءِ پارٽي جي حمايت حاصل ڪري چڪو آهي پر ريپبليڪن پارٽي جي اسٽيبلشمينٽ ٽرمپ جي امريڪا ۾ غير قانوني طور رهندڙ ميڪسيڪن، مسلمانن ۽ عورتن بابت سخت رويي ۽ بيانن تي ڪاوڙيل آهي، جنهن ڪري پارٽي جا اهم اڳواڻ ٽرمپ جا مخالف آهن ۽ ان صورتحال جو فائدو سندس مخالف ٽيڊ ڪروز کي ٿي رهيو آهي، جنهن جي حمايت وڌي رهي آهي.

نه رڳو امريڪا پر ميڪسيڪو ۾ به ڊونلڊ ٽرمپ جي مخالفت ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي، ميڪسيڪو سٽي جي سينيٽ جي ٻاهران سينيٽرن ڊونلڊ ٽرمپ جي مخالفت ۾ بينر لڳائي ڇڏيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*