ڪينيڊا ۾ ننڍو جهاز ڪري تباهه ٿيڻ جي نتيجي ۾ پيءُ جي جنازي ۾ ويندڙ اڳوڻي وزير ۽ براڊڪاسٽر زان ليپيري ۽ سندس ڪٽنب جي 5 ڀاتين سميت 7 ڄڻا اجل جو شڪار

canida

ڪينيڊا ۾ ننڍو جهاز ڪري تباهه ٿيڻ جي نتيجي ۾ پيءُ جي جنازي ۾ ويندڙ اڳوڻي وزير ۽ براڊڪاسٽر زان ليپيري ۽ سندس ڪٽنب جي 5 ڀاتين سميت 7 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا.

زان ليپيري جو جهاز مونٽريال جي سينٽ هبرٽ ايئرپورٽ مان روانو ٿيو هو، جيڪو ڪيوبيڪ ٻيٽ جي اوڀرندي ساحل ويجهو ايلز ڊيلا ميڊيلين ايئرپورٽ تي لهڻ دوران تيز هوائن ۽ برفباري سبب ڪري تباهه ٿيو.

ڪينيڊين انتظاميه موجب 59 سالن جو ليپيري، سندس زال، ٻه ڀائر ۽ سندس ڀيڻ حادثي جو اجل جو شڪار ٿي ويا آهن، جيڪي ليپيري جي والد جي جنازي ۾ شرڪت لاءِ وڃي رهيا هئا، جيتوڻيڪ فوري طور تي جهاز جي ڪريش ٿيڻ جا سبب نه ٻڌايا ويا آهن پر سڪيورٽي اداري جي عملدارن موجب خراب موسم ئي جهاز جي تباهي جو سبب ٿي سگهي ٿي.

 ليپيري سي ٽي وي ۽ ميڊيا ڪمپنين لاءِ سياسي تجزيه نگار طور ڪم ڪيو، جڏهن ته هو 1979 کان 1993 ۽ 2004ع کان 2007ع تائين ڪينيڊا جي پارليامينٽ جو ميمبر به رهيو ۽ وزير به رهيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*