ڪراچي ۾ سي ايم هائوس ڏانهن مارچ ڪندڙ استادن مٿان ڊي جي سائنس ڪاليج آڏو لٺبازي ۽ واٽر ڪينن جو استعمال

karachi-teachers-protest

ڪراچي ۾ سي ايم هائوس ڏانهن مارچ ڪندڙ استادن مٿان ڊي جي سائنس ڪاليج آڏو لٺبازي ۽ واٽر ڪينن جو استعمال ڪيو ويو، پوليس 16 کان وڌيڪ استادن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

سنڌ پروفيسرز ۽ ليڪچررس ايسوسيئشن پاران تعليم کاتي ۾ ڪرپشن ۽ بيڊ گورننس جي خاتمي، استادن ۽ نان اڪيڊمڪ اسٽاف جي اپگريڊيشن، سينيئر استادن کي انتظامي عهدن تي مقرر ڪرڻ وارن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪيو.

ڪمشنر ڪراچي آصف حيدر شاهه ڊي جي سائنس ڪاليج پهچي استادن سان ڳالهيون ڪيون، جن جي ناڪامي بعد استادن سي ايم هائوس طرف مارچ شروع ڪيو ته پوليس مٿن ڪڙڪي پئي.

استادن مٿان واٽر ڪينن جو استعمال ڪرڻ سان گڏ لٺبازي به ڪئي، جنهن ۾ ڪيترائي استاد زخمي ٿي پيا، پوليس 16 کان وڌيڪ استادن کي کنڀي وئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*