وڏي وزير جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ ڪراچي آپريشن تيز ڪرڻ، را جو نيٽ ورڪ ٽوڙڻ لاءِ سموري صوبي ۾ ڪارروائي ڪرڻ جو فيصلو

qaim-alishah-meeting

وڏي وزير جي صدارت هيٺ  ٿيل اجلاس ۾ ڪراچي آپريشن تيز ڪرڻ،  را جو نيٽ ورڪ ٽوڙڻ لاءِ سموري صوبي ۾ ڪارروائي ڪرڻ،  نمائش چورنگي تي لڳل ڌرڻو ڳالهين ذريعي ختم ڪرائڻ، ايپيڪس ڪميٽي جو اجلاس سڀاڻي سڏائڻ ۽ آپريشن ضرب عضب سبب سنڌ ۾ آيل آءِ ڊي پيز کي واپس پنهنجي اباڻن علائقن ڏانهن موڪلڻ جو فيصلو  ڪيو ويو آهي.

وزير اعليٰ هائوس ڪراچي ۾ وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ ڊي جي رينجرز ميجر جنرل بلال اڪبر، صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال، صوبائي وزير مراد علي شاهه، صوبائي صلاحڪار مولابخش چانڊيو، صوبائي صلاحڪار قيوم سومري، آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه ،چيف سيڪريٽري ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ صوبي اندر امن امان جي صورتحال، ڪراچي آپريشن ۽ را جي گرفتار ايجنٽ جي اعترافي بيان جو جائزو وٺڻ سميت مختلف معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو.

اجلاس دوران سنڌ سرڪار پاران صوبي ۾ “را” جو نيٽ ورڪ ٽوڙڻ لاءِ سخت ڪارروائيون ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

اجلاس ۾ ڪراچي آپريشن تيز ڪرڻ، نمائش چورنگي وٽ لڳل ڌرڻو ڳالهين ذريعي ختم ڪرائڻ ۽ ضرب عضب آپريشن سبب سنڌ آيل آءِ ڊي پيز کي اباڻن علائقن ڏانهن اماڻڻ جا فيصلا ڪيا ويا.

 فيصلن تي عملدرآمد جو جائزو وٺڻ لاءِ سڀاڻي سنڌ ايپڪس ڪميٽي جو اجلاس به ڪوٺائڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

اجلاس دوران حساس هنڌن تي سادن ڪپڙن ۾ اهلڪارن کي مقرر ڪرڻ، اقليتن جي عبادتگاهن جي سيڪيورٽي وڌائڻ ۽ صوبي اندر ڪم ڪندڙ شهرين جي سيڪيورٽي سخت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

وڏي وزير جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ انٽيليجنس نيٽ ورڪ کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*