قبرص جي عدالت جهاز هائيجيڪ ڪرڻ جي الزام هيٺ مصري شهري کي 8 ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو

egypt-airline-hijak

قبرص جي عدالت جهاز هائيجيڪ ڪرڻ جي الزام هيٺ مصري شهري کي 8 ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي.

59 سالن جي سيف الدين مصطفيٰ گذريل ڏينهن اسڪندريا کان قاهره ويندڙ جهاز کي آپگهاتي بيلٽ پهريل هجڻ جي ڌمڪي ڏيڻ بعد هائيجيڪ ڪري قبرص جي لارناڪا ايئرپورٽ تي لينڊنگ ڪرڻ تي مجبور ڪيو هو، جهاز ۾ عملي سميت 72 مسافر سوار هئا.

هائيجيڪر بعد ۾ مسافرن ۽ عملي کي ڇڏڻ بعد پاڻ کي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو هو، جنهن کي پوليس لارناڪا جي عدالت ۾ پيش ڪري جاچ لاءِ رمانڊ جي درخواست ڏني، جنهن تي عدالت جوابدار کي 8 ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

جوابدار تي هائيجيڪنگ، مسافرن کي يرغمال بڻائڻ، مارڻ جون ڌمڪيون ڏيڻ ۽ دهشتگردي ۽ ڌماڪيدار مواد رکڻ جا الزام لڳايا ويا آهن.

سيف الدين مصطفيٰ جهاز هائيجيڪ جو ڪارڻ پنهنجي اڳوڻي زال ۽ ٻارن سان ملڻ جي ڪوشش قرار ڏنو، جيڪي قبرص ۾ رهن ٿا، هائيجيڪنگ ڊراما دوران هائيجيڪر پنهنجي اڳوڻي زال جي نالي خط به سڪيورٽي تائين پهچايو هو.

سيف الدين مصطفيٰ جو چوڻ هو ته جهاز هائيجيڪ ڪرڻ لاءِ هن آپگهاتي بيلٽ هجڻ جي ڪوڙي دعويٰ ڪئي هئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*