دهشتگردن جو واحد علاج انهن جو خاتمو آهي صدر ممنون حسين

صدر ممنون حسين چيو آهي ته سڄي قوم دهشتگردن خلاف متحد ۽ اِن ڳالهه تي متفق آهي ته انهن جو مڪمل طور تي خاتمو اچي ۽ ساڻن ڪا به رعايت نه ٿيڻ گهرجي.

پشاور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي صدر ممنون حسين چيو ته دهشتگردن جو واحد علاج انهن جو خاتمو آهي.

هن چيو ته ڪو به مسلمان ٻئي مسلمان کي قتل نه ٿو ڪري سگهي ۽ هي جيڪي ملڪ ۾ خون جي هولي کيڏي رهيا آهن، اهي مسلمان نه ٿا ٿي سگهن.

صدر ممنون حسين چيو ته سڄي قوم دهشتگردن خلاف متحد ۽ ان ڳالهه تي متفق آهي ته سندن مڪمل طور تي خاتمو اچڻ گهرجي ۽ ساڻن ڪا به رعايت نه ڪئي وڃي.

هن چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*