وفاقي سرڪار هڪ ڀيرو ٻيهر تيل اگهن ۾ واڌ جو فيصلو ڪري ورتو

Petrol-Price

وفاقي سرڪار هڪ ڀيرو ٻيهر تيل اگهن ۾ واڌ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، اوگرا پيٽرول جي في ليٽر اگهه ۾ 3 رپيا 7 پيسا واڌ ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي آهي، نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ بعد اڄ رات 12 هين وڳي کان نوان اگهه لاڳو ٿي ويندا.

اوگرا تيل جي اگهن ۾ واڌ واري سمري پئٽروليم ۽ قدرتي وسيلن واري وزارت کي اماڻي ڇڏي آهي، جنهن جي سفارش تي وزيراعظم هائوس مان ان جي منظوري ڏني ويندي.

سمري موجب لائيٽ ڊيزل جي في ليٽر اگهه ۾ 4 رپيا 88 پيسا، ڊيزل هڪ رپيو 52 پيسا واڌ جي سفارش ڪئي وئي آهي.

اوگرا پاران تيار ڪيل سفارشن ۾ هاءِ آڪٽين ۽ گاسليٽ جي اگهن ۾ به واڌ ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي.

وزيراعظم نوازشريف جي منظوري بعد اڄ اوگرا پاران نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو، رات 12 هين وڳي تيل اگهن ۾ واڌ ٿي ويندي……………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*