پنجاب جَي شهر بهاولپور ۾ پوليس ۽ حساس ادارن گڏيل آپريشن دوران 33 اشتهارين سميت 35 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتا

lahore-police-opration

پنجاب جَي شهر بهاولپور ۾ پوليس ۽ حساس ادارن گڏيل آپريشن دوران 33 اشتهارين سميت 35 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتا آهن، آءِ جي پنجاب مشتاق سُکيرا چيو آهي ته پوليس ڏوهارين جو گهيرو تنگ ڪري ڇڏيو آهي، لاهور سانحي جي ذميوارن کي بخش نه ڪيو ويندو.

بهاولپور جَي مختلف علائقن ۾ پوليس ۽ حساس ادارن گڏيل سرچ آپريشن ڪيو، جنهن دوران سوين گهرن جي جهـڙتي ورتي وئي.

پوليس جو چوڻ آهي ته سرچ آپريشن دوران 33 اشتهارين سميت 35 جوابدارن کي گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن.

پوليس موجب، گرفتار جوابدار قتل، اغوا ۽ ٻين ڪيسز  ۾ ملوث آهن، جن کان وڌيڪ جا جاچ ڪئي پئي وڃي.

ٻئي پاسي آءِ جي پوليس مشتاق سُــکيرا جو چوڻ آهي ته لاهور سانحي جي جاچ جاري آهي، ذميوارن کي ڪنهن به صورت ۾ بخش نه ڪيو ويندو.

هن چيو ته پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن امن جي بحالي لاءِ جانين جون قربانيون ڏنيون آهن، ڏوهارين جو گهيرو تنگ ڪري ڇڏيوآهي……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*