پٺاڻ ڪوٽ ايئربيس تي حملي جي جاچ ڪندڙ پاڪستاني ٽيم ڀارت ۾ شاهدن جا بيان رڪارڊ ڪري رهي آهي

pakistani-jach-team

پٺاڻ ڪوٽ ايئربيس تي حملي جي جاچ ڪندڙ پاڪستاني ٽيم ڀارت ۾ شاهدن جا بيان رڪارڊ ڪري رهي آهي، ڀارتي ايجنسي پاران پاڪستان کي دهشتگردن جا نالا ڏنا ويا آهن.

5 رڪني پاڪستاني ٽيم مختلف شاهدين جو جائزو وٺڻ بعد ڪجهه شاهدن جا بيان به رڪارڊ ڪري  آهي، جڏهن ته ٽيم واقعي واري هنڌ جو به معائنو ڪندي.

ڀارت جي نيشنل انويسٽيگيشن اٿارٽي پاران حملي دوران مارجي ويل دهشتگردن جا نالا پاڪستاني ٽيم حوالي ڪيا ويا آهن، جن ۾ ناصر حسين، حافظ ابوبڪر، عمر فاروز ۽ عبدالقيوم جا نالا ڏنا ويا آهن، جيڪي مبينا طور پنجاب جي علائقي وهاڙي، گجرانوالا، سانگهڙ ۽ سکر جا رهواسي ڄاڻايا پيا وڃن.

ڀارت جي نيشنل انويسٽيگيشن ايجنسي جي ڊائريڪٽر جنرل شرد ڪمار جو چوڻ آهي ته پاڪستاني ٽيم کي فراهم ڪيل معلومات جي تصديق ڪرڻ جو چيو ويو آهي.

ان کانسواءِ ڀارتي ايجنسي ڪالعدم تنظيم جيش محمد جي ٻن ميمبرن جا نالا به پاڪستاني ٽيم حوالي ڪيا آهن، جيڪي حملي آورن سان رابطي ۾ هئا، انهن ۾ ڪاشف جان چارسده جو رهواسي ڄاڻايو ويو آهي، جڏهن ته شاهد لطيف گجرانوالا جو رهواسي ٻڌايو ويو آهي.

2 جنوري تي پٺاڻ ڪوٽ ايئربيس تي حملي ۾ ڀارتي فورسز جا 7 اهلڪار مارجي ويا هئا، واقعي جي جاچ لاءِ ڀارتي ٽيم به پاڪستان جو دورو ڪندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*