جيڪب آباد جي اي ڊي سي ڪالوني ۾ جوابدار شادي واري رات ڪارنهن الزام مڙهي زال کي قتل ڪري ڇڏيو

jecobabad-gril-muder

جيڪب آباد جي اي ڊي سي ڪالوني ۾ جوابدار شادي واري رات ڪارنهن الزام مڙهي زال کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ دلمراد ٿاڻي جي حد ۾ جوابدار گهرو اڻبڻت تان زال کي سروٽا هڻي  ماري ڇڏيو آهي.

جيڪب آباد جي اي ڊي سي ڪالوني ۾ شادي واري رات جوابدار قلندر بخش ڪوهيري زال خانزادي کي اڳٺ سان گهٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو.

واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويو، جڏهن ته پوليس لاش کڻائي سول اسپتال منتقل ڪيو، جتان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.

پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار ڪارنهن الزام مڙهي زال کي گهٽا ڏئي قتل ڪيو آهي، جنهن جي گرفتاري لاءِ ڇاپن جو سلسلو جاري آهي.

جيڪب آباد جي دلمراد ٿاڻي حد ۾ جوابدار ڌنگار بنگلاڻي گهرو اڻبڻت تان زال نواب خاتون کي سروٽا هڻي مرڻينگ ڪري ڇڏيو، جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو ته هن رستي ۾ ڌم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*