ٽي-ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ورلڊڪپ جي پهرين سيمي فائنل ۾ انگلينڊ جي ٽِيم هڪ طرفي مقابلي بعد نيوزيلينڊ جي ٽِيم کي شڪست ڏئي فائنل ۾ پهچي وئي

engaleand-vs-newzleand

ڀارت ۾ جاري ٽي-ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ورلڊڪپ جي پهرين سيمي فائنل ۾ انگلينڊ جي ٽِيم هڪ طرفي مقابلي بعد نيوزيلينڊ جي ٽِيم کي شڪست ڏئي فائنل ۾ پهچي وئي آهي، اڄ ٻي سيمي فائنل ميزبان ڀارت ۽ويسٽ انڊيز جي ٽيمن وچ ۾کيڏي ويندي.

فيروز شاهه ڪوٽلا اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويل پهرين سمي فائنل ۾انگلينڊ جي ٽيم جي ڪپتان ٽاس کٽي پهرين فيلڊنگ ڪرڻ جو فيصلوڪيو.

نيوزيلينڊ جي ٽيم مقرره 20 اوورس ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 153رنز اسڪور ڪيون.

ڪيوي ٽيم پاران ڪالن منرو 46،ڪپتان ڪين وليمسن 32۽ڪوري اينڊرسن 28رنز جي اننگ کيڏي نمايابيٽسمين رهيو.

انگلينڊ جي ٽِيم پاران بين اسٽوڪس 3، جڏهن ته ڊيوڊ ويلي، ڪرس جارڊن، پلينڪيٽ ۽معين علي هڪ-هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

انگلينڊ جي ٽيم نيوزيلينڊ جي ٽِيم پاران ميچ کٽڻ لاءِ مليل 154رنز جو ٽارگيٽ هڪ طرفي مقابلي بعد 17 ڏهائي هڪ اوور ۾ 3وڪِيٽن جي نقصان تي پورو ڪري ميچ ڪاميابي حاصل ڪري ميگا ايونٽ جي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي.

انگلش ٽيم پاران جيسن روئي 78رنز جي اننگ کيڏي ٽيم جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، جڏهن ته جوءِ روٽ 27۽ ايلڪس هيلس 20رنز جي اننگ کيڏي.

نيوزيلينڊ جي ٽيم پاران ايش سوڊي ٻه ۽سانٽنر هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

ٽي-ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ورلڊڪپ جي ٻي سيمي فائنل اڄ ميزبان ڀارت ۽ويسٽ انڊيز جي ٽيمن وچ ۾ کيڏي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*