سنڌ هاءِ ڪورٽ کير ۽ کاڌي پيتي جي ٻين شين جي اگهن ۾ واڌ خلاف درخواست تي چيف سيڪريٽري ۽ ٻين عملدارن کان تفصيلي رپورٽ طلب

sindh highi court

سنڌ هاءِ ڪورٽ کير ۽ کاڌي پيتي جي ٻين شين جي اگهن ۾ واڌ خلاف درخواست تي چيف سيڪريٽري ۽ ٻين عملدارن کان تفصيلي رپورٽ طلب ڪندي فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي، چيف جسٽس، جسٽس سجاد علي شاهه ريمارڪس ڏيندي چيو ته ڪراچي ۾  سڙيل گوشت ۽ ماڻهو  مٽي وڪرو ڪري رهيا آهن پر  انهن کان ڪير به پڇڻ وارو ناهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس سجاد علي شاهه جي سربراهي ۾ ڊويزن بئنچ کير ۽ ٻين شين جي اگهن ۾ واڌ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

شهري شهزاد پاران درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته پئٽرول جي اگهن ۾ گهٽتائي باوجود کير ۽ ٻين شين جا اگهه نه گهٽايا ويا آهن.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته ڪراچي ۾ صحت لاءِ هاڃيڪار گوشت ۽ ماڻهو مٽي به وڪرو ڪري رهيا آهن پر انهن کان ڪير پڇڻ وارو  به نه آهي.

چيف فوڊ انسپيڪٽر عدالت کي ٻڌايو ته مينهن جا اگهه وڌي وڃڻ کانپوءِ کيرجو  في لٽر اگهه 80 رپيا مقرر ڪيو ويو آهي.

هن ٻڌايو ته ڪراچي ۾ کير جو معيار چيڪ ڪرڻ لاءِ 12 فوڊ انسپيڪٽر ڪم ڪري رهيا آهن ۽ سنڌ فوڊ اٿارٽي جي قيام جي به منظوري ڏني وئي آهي.

عدالت چيف سيڪريٽري ۽ ٻين عملدارن کان کير ۽ ٻين شين جي مهانگي اگهه تي وڪري بابت تفصيلي رپورٽ طلب ڪندي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*