امريڪا ۾ ٿيندڙ ٻن ڏينهن واري چوٿين نيوڪليئر سيڪيورٽي سمٽ اڄ کان شروع ٿي رهي آهي

USA-NUCLEAR-SECURITY-SUMMIT

امريڪا ۾ ٿيندڙ ٻن ڏينهن واري چوٿين نيوڪليئر سيڪيورٽي سمٽ اڄ کان شروع ٿي رهي آهي.

 امريڪا جي شهر واشنگٽن ۾ رٿيل سمٽ ۾ دنيا جي 52 ملڪن جا اڳواڻ ۽ چار عالمي تنظيمن جا نمائندا شرڪت ڪندا، جڏهن ته سمٽ جو مقصد دنيا ۾ طابقاري مادن کي محفوظ بڻائڻ آهي.

چين جو صدر شي جن پنگ، جپان جو وزيراعظم شنزو ابي ۽ ڏکڻ ڪوريا جو صدر پارڪ جين هاءِ امريڪا جي شهر  واشنگٽن ڊي سي پهچي ويا آهن، امريڪا جي اعليٰ    اڳواڻن ۽ امريڪا ۾ چين جي سفير ڪَئِي تيانڪَئِي چين جي صدر جو ايئرپورٽ تي استقبال ڪيو.

ٻئي طرف اتر ڪوريا پاران تازو ئي ائٽمي توانائي ۾ اڳڀرائي وارين ڪوششن ۽ امريڪا ۽ روس جي وچ ۾ سفارتي تعلقات خراب ٿيڻ ڪري معاملا بگڙجي رهيا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*