اسلام آباد جي خاص عدالت، سنگين غداري ڪيس ۾ اڳوڻي صدر پرويز مشرف کي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏيڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار

parvez-musharraf

اسلام آباد جي خاص عدالت، سنگين غداري ڪيس ۾ پرويز مشرف کي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏيڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي گهرو سيڪريٽري ۽ مشرف جي ضامن کان وضاحت طلب ڪري ورتي آهي.

جسٽس جمال خان مندو خيل  ۽ جسٽس مظهر عالم تي ٻڌل خاص عدالت جي 3رڪني بينچ پرويز مشرف خلاف سنگين غداري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران حڪومت طرفان اڪرم شيخ ۽ پرويز مشرف جو وڪيل فيصل چوڌري عدالت ۾ پيش ٿيا، جڏهن ته گهرو سيڪريٽري جي پيش نه ٿيڻ تي عدالت سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.

عدالت ٻڌڻي ۾ اڌ ڪلاڪ جو وقفو ڪندي وفاقي گهرو سيڪريٽري کي پيش ٿيڻ جو حڪم جاري ڪيو، جنهن تي گهرو سيڪريٽري پيش ٿي جواب داخل ڪرايو.

عدالت پڇاڻو ڪيو ته اڄ پرويز مشرف کي پيش ٿيڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو هو، ٻڌايو وڃي ته مشرف ڪٿي آهي؟.

گهرو سيڪريٽري عدالت کي ٻڌايو ته پرويز مشرف کي انساني همدردي تحت پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏني وئي آهي،جڏهن ته مشرف سرعام چيو هو ته هو واپس ڏيهه موٽي ايندو.

پرويز مشرف جي وڪيل فيصل چوڌري عدالت کي ٻڌايو ته پرويز مشرف علاج لاءِ پرڏيهه ويل آهي، جڏهن ته حڪومت سندس نالو ايگزيڪٽ ڪنٽرول لسٽ مان خارج ڪيو.

عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي سرڪاري وڪيل اڪرم شيخ کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا توهان کي خبر نه هئي ته مشرف کي اڄ عدالت ۾ پيش ٿيڻو آهي؟.

مشرف جي وڪيل احمد رضا قصوري عدالت کي استدعا ڪئي ته مشرف پرڏيهه ويل آهي، تنهن ڪري ڪيس جي ٻڌڻي 14 هفتن تائين ملتوي ڪئي وڃي.

عدالت مشرف جي وڪيل سان مخاطب ٿيندي چيو ته توهان گارنٽي ڏيو ٿا ته مشرف ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ٿيندو، جنهن تي احمد رضا قصوري چيو ته هو رڳو عدالتي فيصلي بابت مشرف کي آگاهه ڪري سگهي ٿو، ڪا گارنٽي نه ٿو ڏئي سگهي.

عدالت مشرف جو نالو ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ مان خارج ڪري کيس پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏيڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي گهرو سيڪريٽري ۽ مشرف جي ضامن کان وضاحت طلب ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 19 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي………….

………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*