ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت پوليس کي متحده سربراهه الطاف حسين ۽ حيدر عباس رضوي خلاف ڪارروائي شروع ڪرڻ جو حڪم

atc11-9

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت چڙڏياريندڙ تقرير واري ڪيس ۾ پوليس کي متحده سربراهه الطاف حسين ۽ حيدر عباس رضوي خلاف اشتهاري جوابدارن واري ڪارروائي شروع ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

ڪراچي جي نيو ٽائون ٿاڻي تي الطاف حسين ، حيدر عباس رضوي ۽ متحده جي ٻين اڳواڻن خلاف داخل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران جاچ آفيسر عدالت ۾ پيش ٿي ٻڌايو ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا ويا پر گرفتاري عمل ۾ نه آئي آهي.

عدالت جاچ آفيسر جي رپورٽ بعد پوليس کي متحده سربراهه الطاف حسين ۽ حيدر عباس رضوي خلاف اشتهاري جوابدارن واري ڪارروائي شروع ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي 18اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

ساڳي ڪيس ۾ عدالت متحده جي سينيٽر طاهر مشهدي جو نالو خارج ڪيو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*