سنڌ هاءِ ڪورٽ سيڪريٽري غلام مصطفيٰ ڦل جي 5 لک رپين عيوض عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي

Sindh High Cooort

سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪي ايم سي کي 250 ايڪڙ زمين جي الاٽمينٽ لاءِ  اين او سي جاري ڪرڻ واري ڪيس ۾  لينڊ يوٽيلائيزيشن جي سيڪريٽري غلام مصطفيٰ ڦل جي 5 لک رپين عيوض عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس احمد علي شيخ جي سربراهي ۾ ڊويزن بئنچ غلام مصطفيٰ ڦل جي گرفتاري کان اڳ ۽ نيب کي ڪارروائي کان روڪڻ واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

غلام مصطفيٰ ڦل جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته ڪي ايم سي کي 1965ع ۾ وول واشنگ ايريا لاءِ زمين الاٽ ڪي وئي ۽ بنگلاديش جي ٺهڻ کانپوءِ وول واشنگ ايريا ختم ٿيڻ کانپوءِ سنڌ حڪومت زمين پنهنجي قبضي ۾ ورتي.

هن ٻڌايو ته ڪي ايم سي پاران زمين جي موجوده قيمت ادا نه ڪرڻ سبب سي ايم جي منظوري سان اها زمين ڪي ايم سي کان واپس ورتي وئي، جنهن جي نيب پاران جاچ ڪئي پئي وڃي، جيڪا غيرقانوني آهي، انڪري نيب کي سندن خلاف ڪارروائي کان روڪيو وڃي.

عدالت اهڙي درخواست تي لينڊيوٽيلائيزيشن جي سيڪريٽري غلام مصطفيٰ ڦل جي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت منظور ڪندي نيب کي 27 اپريل لاءِ نوٽيس جاري ڪيا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*