حڪومت طاقت جي استعمال کانسواءِ اسلام آباد ۾ لڳل ڌرڻو ختم ڪرايو:راڻا ثناءُ الله

rana-sanaullah

پنجاب جَي قانون واري وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته حڪومت طاقت جي استعمال کانسواءِ اسلام آباد ۾ لڳل ڌرڻو ختم ڪرايو، لاهور سانحي کان اڳ ئي پنجاب ۾ ڪارروائيون جاري هيون، ادارن ۾ تڪرار بابت خبرون درست نه آهن.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته ڪجهه ڌريون اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهن ته پنجاب ۾ لاهور سانحي کانپوءِ دهشتگردن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪيو ويو آهي، جڏهن ته لاهور سانحي کان اڳ ئي ڏوهارين خلاف ڪارروائيون جاري هيون.

هن چيو ته حڪومت داشمندي جو مظاهرو ڪندي اسلام آباد ڌرڻو بنا ڪنهن طاقت جي استعمال جي پرامن ڳالهين ذريعي ختم ڪرائي جمهوريت مضبوط هئڻ جو ثبوت ڏنو.

سندس چوڻ هو ته نيشنل ايڪشن پلان تحت پنجاب ۾ ڪارروائيون جاري آهن، اهي افواهون غلط آهن ته لاهور سانحي کانپوءِ ڪنهن طاقتور ڌر آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي.

راڻا ثناءُ الله چيو ته حڪومت خلاف چڙ ڏياريندڙ تقريرون ڪا نئين ڳالهه نه آهي، ماضي ۾ به اهڙا واقعا پيش ايندا رهيا  آهن، پر هاڻي نيشنل ايڪشن پلان تحت ڪنهن کي بخش نه ڪيو ويندو.

راڻا ثناءُ الله وڌيڪ چيو ته حڪومت ۽ فوج هڪ پيج تي آهن، ادارن ۾ اختلافن جون افواهون پکيڙيندڙ قوم سان سچا نه آهن، جن کي ناڪامي کانسواءِ ٻيو ڪجهه به حاصل نه ٿيندو……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*