اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت، ڊاڪٽر عمران فاروق قتل ڪيس ۾ جوابدارن جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو

law

اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت، ڊاڪٽر عمران فاروق قتل ڪيس ۾ جوابدارن جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي، جيڪو 7 اپريل تي ٻڌايو ويندو.

اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج ڊاڪٽر عمران فاروق قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدارن معظم علي، خالد شميم ۽ محسن علي سيد جي درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران  وڪيلن دليل مڪمل ڪري ورتا، جنهن کانپوءِ عدالت درخواستن تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي.

عدالت پاران جوابدارن جي ضمانت وارين درخواستن تي محفوظ ڪيل فيصلو 7 اپريل تي ٻڌايو ويندو، جڏهن ته ڪيس جي ٻڌڻي 7 اپريل تائين ملتوي ڪئي وئي.

واضح رهي ته عمران فاروق قتل ڪيس ۾ معظم علي، خالد شميم ۽ محسن علي سيد ايف آءِ اي جي تحويل ۾ آهن، جن کان جاچ هلندڙ آهي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*