قومي اسيمبلي جي انساني حقن بابت ڪميٽي ٿر ۾ ٻارڙن جي فوت ٿيڻ واري معاملي جو نوٽيس وٺندي صوبائي حڪومت کان رپورٽ طلب

islamabad-national-assembly

قومي اسيمبلي جي انساني حقن بابت ڪميٽي ٿر ۾ غذايت جي کوٽ سبب ٻارڙن جي فوت ٿيڻ واري معاملي جو نوٽيس وٺندي صوبائي حڪومت کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، ڪميٽي چيئرمين بابر نواز چوهاڻ چيو آهي ته ٿر ۾ انساني جانيون ضايع ٿي رهيون آهن، پر صوبائي حڪومت سنجيده نظر نه اچي رهي آهي.

قومي اسيمبلي جي انساني حقن بابت ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين علي نواز چوهاڻ جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ ٿر صورتحال سميت مختلف معاملن تي ويچاريو ويو.

ڪميٽي ٿر ۾ غذايت جي کوٽ سبب ٻارڙن جي فوت ٿيڻ واري معاملي تي نوٽيس وٺندي خوراڪ واري صوبائي حڪومت کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

ڪميٽي چيئرمين چيو ته ٿر ۾ غذايت جي کوٽ سبب مسڪينن جا ٻار فوت ٿي رهيا آهن، پر صوبائي حڪومت مسلسل خاموش ۽ غير سنجيدگي جو مظاهرو ڪري رهي آهي………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*