ڀارت مسلسل پاڪستان ۾ مداختل ڪري رهيو آهي،عالمي برادري کي پاڪستان اندر ڀارتي مداخلت جو نوٽيس وٺڻ گهرجي:پرڏيهي ترجمان

nafis zakriaپرڏيهي ترجمان نفيس ذڪريا چيو آهي ته ڀارت مسلسل پاڪستان ۾ مداختل ڪري رهيو آهي، ڀارتي ايجنسي را” جي آفيسر ڪلڀوشن جي گرفتاري اهم ڪاميابي آهي، عالمي برادري کي پاڪستان اندر ڀارتي مداخلت جو نوٽيس وٺڻ گهرجي.

اسلام آباد ۾ هفتيوار بريفنگ ڏيندي پرڏيهي ترجمان نفيس ذڪريا چيو ته ڀارتي ڳجهي اداري را” جي آفيسر ڪلڀوشن ياديوو جو وڊيو اعترافي بيان دنيا ڏٺو ۽ ٻڌو آهي، جڏهن ته ڪلڀوشن پاران ڪيل انڪشافن جي سمورن رخن سان جاچ ڪئي پئي وڃي.

هن چيو ته پاڪستان ڀارت جي مداخلت جا ثبوت گڏيل قومن آڏو پيش ڪري ڇڏيا آهن، عالمي برادري کي ڀارتي مداخلت جو نوٽيس وٺڻ گهرجي.

پرڏيهي ترجمان چيو ته پاڪستان ڊگهي عرصي کان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ رڌل آهي، سموري قوم انتهاپسندن خلاف جنگ ۾ متحد آهي.

نفيس ذڪريا چيو ته ڪلڀوشن جي نشاندهي تي سموري ملڪ ۾ ڪارروائيون ڪري ڪجهه ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي، جن کان جاچ ڪئي پئي وڃي.

پرڏيهي ترجمان وڌيڪ چيو ته پاڪستان اندروني معاملن ۾ مداخلت ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪندو، اسلام آباد پنهنجي دفاع لاءِ هر مثبت قدم کڻڻ کان نه گهٻرائيندو…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*