ڪرڪيٽ کيڏڻ نه پر ڊگهي جدوجهد ڪرڻ لاءِ ڏيهه واپس وريو آهيان:مصطفيٰ ڪمال

mustfa-kamal-

پاڪ سرزمين پارٽي جي سربراهه مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته هو ڪرڪيٽ کيڏڻ نه پر ڊگهي جدوجهد ڪرڻ لاءِ ڏيهه واپس وريو آهي ۽ مخالفن کي به ڳلي لڳائڻ لاءِ تيار آهي.

ميرپورخاص روانگي کان اڳ ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مصطفيٰ ڪمال چيو ته فاروق ستار سان جيڪو ٿيو، ان مان لڳي ٿو ته هو معصوم ماڻهو آهي، انڪري کيس ست خون به معاف آهن.

مصطفيٰ ڪمال چيو ته ملڪ جي هر گهٽيءَ ۾ پاڪ سرزمين پارٽي جي آفيس کولي ويندي، عوام اسان جو پيغام سمجهيو آهي، جنهن جي ڀرپور موٽ ڏني پئي وڃي.

مصطفيٰ ڪمال چيو ته هو ڪنهن جون وڪيٽون ڪيرائڻ لاءِ نه پر ڊگهي جدوجهد ڪرڻ لاءِ ڏيهه وريا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*