ارسا جي صلاحڪاري ڪميٽي خريد جي مند لاءِ صوبن ۾ پاڻي ورڇ واري فارمولي جي منظوري ڏئي ڇڏي

indus-river-dam

ارسا جي صلاحڪاري ڪميٽي خريد جي مند لاءِ صوبن ۾ پاڻي ورڇ واري فارمولي جي منظوري ڏئي ڇڏي، ارسا چيئرمين رائو ارشاد خان چيو آهي ته صوبن ۾91ع واري ٺاهه موجب پاڻي جي ورڇ ڪئي ويندي.

ارسا چيئرمين رائو ارشاد علي جي صدارت هيٺ صلاحڪاري ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن دوران خريف جي مند لاءِ صوبن ۾ پاڻي ورڇ واري فارمولي جي منظوري ڏني وئي.

ارسا چيئرمين چيو ته پهرين اپريل کان 30 سيپٽمبر تائين ملڪ ۾ 113 ملين ايڪڙ فٽ پاڻي دستياب هوندو، جڏهن ته هن ڀيري پاڻي موجود هوندو.

ارسا چيئرمين موجب، خريف جي مند لاءِ سنڌ ۽ پنجاب کي 91ع واري ٺاهه موجب 33-33 ملين فوٽ ايڪڙ پاڻي فراهم ڪيو ويندو، جڏهن ته ڪي پي ڪي 82 ڏهائي ملين ايڪڙ فوٽ ۽ 56 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي فراهم ڪيو ويندو.

راڻا خالد ادريس چيو ته پاڻي کوٽ گهٽ هئڻ جي ڪري هن ڀيري جهلم لنڪ ڪئنال کي هلائڻ جي ضرورت نه پوندي……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*