پاڪستان، ڀارتي ايجنٽ ڪلڀوشن يادَو جي انڪشافن کانپوءِ ملڪ اندر “را” جي نيٽ ورڪ خلاف جاچ لاءِ ايران کان مدد گهري ورتي

ra-agent

پاڪستان، ڀارتي ايجنٽ ڪلڀوشن يادَو جي انڪشافن کانپوءِ ملڪ اندر “را” جي نيٽ ورڪ خلاف جاچ لاءِ ايران کان مدد گهري ورتي آهي، پرڏيهي ترجمان نفيس ذڪريا چيو آهي ته ڪلڀوشن جو اعترافي بيان دنيا ٻڌو ۽ ڏٺو، عالمي برادري کي پاڪستان ۾ ڀارتي مداخلت جو نوٽيس وٺڻ گهرجي، ڪلڀوشن جي گرفتاري ۽ انڪشافن بابت ايران سان رابطي ڪيو پيو وڃي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته بلوچستان مان را“ جي ايجنٽ ڪلڀوشن جي گرفتاري ۽ سندس انڪشافن کانپوءِ پاڪستان ايراني حڪومت کي خط لکي 6 معاملن ۾ سهڪار گهري ورتو آهي.

خط ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان سمورا معاملا ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ چاهي ٿو، جڏهن ته ڪل ڀوشن جي ايران ۾ سرگرمين بابت وضاحت ڪئي وڃي.

پاڪستان چيو آهي ته ايران وضاحت ڪري ته گرفتار ڀارتي ايجنٽ ڪلڀوشن ياديوو جي ايران ۾رهائش واري هنڌ ۽ تاريخ بابت آگاهه ڪيو وڃي.

ٻئي پاسي پاڪستان جي پرڏيهي ترجمان نفيس ذڪريا هفتيوار بريفنگ ڏيندي چيو آهي ته ڀارت مسلسل پاڪستان ۾ مداختل ڪري رهيو آهي، ڀارتي ايجنسي را” جي آفيسر ڪلڀوشن جي گرفتاري اهم ڪاميابي آهي، عالمي برادري کي پاڪستان اندر ڀارتي مداخلت جو نوٽيس وٺڻ گهرجي.

نفيس ذڪريا چيو ته ڀارتي ڳجهي اداري را” جي آفيسر ڪلڀوشن ياديوو جو وڊيو اعترافي بيان دنيا ڏٺو ۽ ٻڌو آهي، جڏهن ته ڪلڀوشن پاران ڪيل انڪشافن جي سمورن رخن سان جاچ ڪئي پئي وڃي.

هن چيو ته پاڪستان ڀارت جي مداخلت جا ثبوت گڏيل قومن آڏو پيش ڪري ڇڏيا آهن، عالمي برادري کي ڀارتي مداخلت جو نوٽيس وٺڻ گهرجي.

پرڏيهي ترجمان چيو ته پاڪستان ڊگهي عرصي کان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ رڌل آهي، سموري قوم انتهاپسندن خلاف جنگ ۾ متحد آهي.

نفيس ذڪريا چيو ته ڪلڀوشن جي نشاندهي تي سموري ملڪ ۾ ڪارروائيون ڪري ڪجهه ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي، جن کان جاچ ڪئي پئي وڃي.

پرڏيهي ترجمان وڌيڪ چيو ته پاڪستان اندروني معاملن ۾ مداخلت ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪندو، اسلام آباد پنهنجي دفاع لاءِ هر مثبت قدم کڻڻ کان نه گهٻرائيندو…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*