قومي ٽيم جي هيڊڪوچ وقار يونس جي بين الصوبائي رابطن واري وزير رياض پيرزادا سان ملاقات ڪري پنهنجي رپورٽ لــِيڪ ٿيڻ واري معاملي جي جاچ ڪرائڻ جو مطالبو

Waqar-30-3-16

قومي ٽيم جي هيڊڪوچ وقار يونس جي بين الصوبائي رابطن واري وزير رياض پيرزادا سان ملاقات ڪري پنهنجي رپورٽ لــِيڪ ٿيڻ واري معاملي جي جاچ ڪرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي، وقار يونس چيو آهي ته منهنجي رپورٽ ۾ رانديگرن جي پاڻ ۾ اختلافن جو  ذڪر نه آهي، رياض پيرزاده چيو آهي رپورٽ ليڪ ٿيڻ ادارن جي ناڪامي آهي.

لاهور ۾ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ وقار يونس بين الصوبائي رابطن واري وزير رياض پيزاده سان ملاقات ڪئي.

ملاقات دوران وقار يونس پنهنجي رپورٽ لــِيڪ ٿيڻ واري معاملي جي جاچ ڪرائڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته سندس رپورٽ ۾ رانديگرن وچ ۾ اختلافن بابت ذڪر نه آهي.

هن چيو ته سازش تحت رپورٽ ليڪ ڪري سندس ساک کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، جڏهن ته هو قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي بهتري جو خواهشمند آهي.

بين الصوبائي رابطن واري وزير رياض پيزاده چيو ته قومي ڪرڪِيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ وقار يونس جي رپورٽ ليڪ ٿيڻ ادارن جي ناڪامي آهي.

رياض پيزاده چيو ته وقار يونس قومي هيرو آهي، سندس رپورٽ ليڪ ٿيڻ واري معاملي بابت وزير اعظم نواز شريف کي آگاهه ڪيو ويندو………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*