هر ماڻهو تي نظر نٿا رکي سگهون پر ڪرپٽ ماڻهن تي نظر آهي:ڊي جي نيب سنڌ سراج نعيم

DG-NAB-SINDH-

 ڊي جي نيب سنڌ سراج  نعيم چيو آهي ته هر ماڻهو تي  نظر نٿا رکي سگهون  پر ڪرپٽ ماڻهن تي نظر آهي، پوليس جي ڪرپٽ آفيسرن بابت رپورٽ تيار ڪري ورتي آهي.

ڪراچي يونيورسٽي ۾ ڪرپشن جي خاتمي بابت پروگرام کي خطاب ڪندي ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊي جي نيب چيو ته ڪراچي يونيورسٽي بابت ڪرپشن جو ڪوبه ڪيس نه آهي پر يونيورسٽي جي زمين تي قبضي وارا ڪيس هلي رهيا آهن.

هن چيو ته ڪي ايم سي ۽ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ۾ ڪرپشن جي جاچ هلي رهي آهي.

ڊي جي نيب سنڌ چيو ته پوليس ۾ بدعنوانين ۽ عملدارن جي ڪرپشن بابت رپورٽ تيار ڪري ورتي آهي.

ڊي جي نيب سنڌ سراج نعيم  چيو ته هر ماڻهو تي  نظر نٿا رکي سگهون  پر ڪرپٽ ماڻهن تي نظر آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*