ٽنڊي محمد خان ۾ زهريلي شراب واپرائڻ سبب 45 ڄڻن جي فوت ٿيڻ واري ڪيس نامزد مک جوابدار کي پوليس زخمي حالت ۾ گرفتار

tando-m-khan-ali-nawaz

ٽنڊي محمد خان ۾ زهريلي شراب واپرائڻ سبب 45 ڄڻن جي فوت ٿيڻ واري ڪيس نامزد مک جوابدار کي پوليس زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدار شراب ٺاهيدڙ بٺي جو مالڪ آهي.

ملاڪاتيار روڊ تي پوليس ڪارروائي ڪندي مبينا مقابلي بعد ڏهاري علي نواز پهور کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

سي آءِ ڊي انچارج شمس الدين کوکر جو چوڻ هو ته مقابلي  جوابدار علي نواز پنهور کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو آهي، جيڪو ٽنڊو محمد خان ۾ زهريلي شراب واپرائڻ سبب فوت ٿيل ويلن جي ڪيس  جو مک جوابدار آهي.

سي آءِ ڊي انچارج جو چوڻ هو ته ٽنڊو محمد خان واقعي جو 7 جوابدارن خلاف ڪيس داخل آهي، جن مان هيل تائين پنجن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

سي آءِ ڊي انچارج جو وڌيڪ چوڻ هو ته جوابدارن علي نواز پنهور زهريلي شراب ٺاهيندڙ بٺي جو مالڪ آهي، جنهن کان وڌيڪ جاچ جاري آهي………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*