سنڌ هاءِ ڪورٽ شرجيل ميمڻ جو نالو اي سي ايل مان ڪرڻ واري درخواست تي وفاق کان 3 هفتن لکت ۾ جواب طلب ڪري ورتو

Sindh-high-sharjeel-14-1

سنڌ هاءِ ڪورٽ شرجيل ميمڻ جو نالو اي سي ايل مان ڪرڻ واري درخواست تي وفاق کان 3 هفتن لکت ۾ جواب طلب ڪري ورتو آهي،  جسٽس احمد علي شيخ وڪيل کان شرجيل ميمڻ جي ڏيهه واپسي ۾ رڪاوٽ بابت پڇاڻو ڪندي چيو شرجيل چاهي ته اڄ ئي ڏيهه واپس اچي سگهي ٿو.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس احمد علي شيخ جي سربراهي ۾ بئنچ شرجيل ميمڻ جو نالو اي سي ايل مان خارج ڪرڻ واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

شرجيل ميمڻ جي وڪيل عدالت ۾ دليل ڏيندي چيو ته شرجيل خلاف ڪوبه ڪيس داخل ٿيل ناهي ۽ نه وري هو ڪنهن بي ضابطگي ۾ ملوث آهي.

وڪيل عدالت کي ٻڌايو شرجيل ميمڻ واپس وطن اچڻ چاهي ٿو ۽ سندس غير موجودگي ۾ ان جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪيو ويو، جيڪو خارج ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي.

جسٽس احمد علي شيخ وڪيل کان شرجيل ميمڻ جي ڏيهه واپسي ۾ رڪاوٽ بابت پڇاڻو ڪندي چيو ته شرجيل چاهي ته اڄ ئي ڏيهه واپس اچي سگهي ٿو.

شرجيل

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*