هر سال چوٿين اپريل تي چين ۾ ٽومب سويپنگ ڊي يا قبرن جي صفائي جو ڏهاڙو ملهايو ويندو آهي

china-tomb-sweeping-day

هر سال چوٿين  اپريل تي چين ۾ ٽومب سويپنگ ڊي يا قبرن جي صفائي جو ڏهاڙو ملهايو ويندو آهي، جنهن دوران چيني وڇڙي ويل پنهنجي پيارن جي قبرن تي وڃي انهن جي صفائي سٿرائي به ڪن ٿا، پر  ڪجهه اهڙا چيني به آهن، جيڪي وڇڙي ويل پيارن جانورن جي قبرن تي حاضري ڀريندا آهن

پيرسن تيان پيهينگ به پنهنجي ڪٽنب سان گڏ هر گذريل پنج سالن کان پنهنجي ميمي نالي ڪتي جي قبر تي اچي ٿي ۽ ان جي ڀرپاسي صفائي سٿرائي ڪري ٿي.

هيل به تيان پنهنجي مڙس ۽ ڌيءَ سان گڏ بجينگ ٻاهران جانورن جي قبرستان ۾ پنهنجي ڪتي جي قبر تي حاضري ڀري ۽ اتي ڇڻيل پن وغيره صاف ڪيا.

تيان جو چوڻ هو ته ميمي 10 سال ساڻن گڏ رهي، جيڪا کيس پنهنجي ٻارن جيان پياري هئي، 5 سال اڳ ميمي مري وئي ته کيس ايئن لڳو هو، ڄڻ سندس ڪو ٻار مري ويو هجي، انڪري هوءَ هر سال پنهنجي ڪتي جي قبر تي اچي ٿي.

بيفو پيٽ سيميٽري نالي قبرستان ۾ 3 هزار کان وڌيڪ جانورن جون قبرون آهن، جن ۾ ڪڪڙ، بدڪ، نوريئڙا ۽ ٻيا جانور به  شامل آهن.

جانورن جي قبرستان ۾ نه رڳو انهن جانورن جون تصويرون لڳل آهن پر اتي سهڻن اکرن ۾ مختلف جملا به لکيل آهن، جڏهن ته جانورن جون قبرون به سينگاريل نظر اچن ٿيون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*