امريڪي ڊاڪٽرن پهريون ڀيرو ايڇ آءِ وي ايڊز کان متاثر مريضن جي جگر جي ٻئي متاثر مريض ۾ ڪاميابي سان پيوندڪاري ڪري طب جي نئين تاريخ رقم ڪري ورتي

doctor-opration

امريڪي ڊاڪٽرن پهريون ڀيرو ايڇ آءِ وي ايڊز کان متاثر مريضن جي جگر جي ٻئي متاثر مريض ۾ ڪاميابي سان پيوندڪاري ڪري طب جي نئين تاريخ رقم ڪري ورتي آهي.

بالٽيمور جي جانس هوپڪــِنس اسپتال موجب ان کان اڳ ايڇ آءِ وي ايڊز کان متاثر مريضن ۾ عضون جي پيوندڪاري ٿيندي رهي آهي پر انهن مريضن کي عضوا ڏيندڙ ايڇ آءِ وي کان متاثر نه هوندا هئا.

ٽرانسپلانٽ سرجن ڊاڪٽر ڊوري سيگيف جو چوڻ ته هو ايڇ آءِ وي کان متاثر ڪيترن ئي مريضن ۾ عضون جي پيوندڪاري ڪري چڪو آهي پر انهن جا ڊونر ايڇ آءِ وي کان متاثر نه هئا، جنهن بعد سندس ٽيم اهو تسليم ڪيو ته ايڇ آءِ وي کان متاثر مريض به عضوا عطيه ڪري سگهن ٿا، جيڪي اهڙن ئي مريضن ۾ ٽرانسپلانٽ ڪري سگهجن ٿا.

هن ٻڌايو ته ايڇ آءِ وي کان متاثر مريضن کي عضون جي پيوندڪاري لاءِ اهڙي ڊونر جو انتظار ڪرڻو پوندو هو، جيڪي وائرس کان متاثر نه هجن، پر هاڻي اهڙن مريضن کي گهڻو انتظار نه ڪرڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته کين ايڇ آءِ وي کان متاثر مريض به عضوا عطئي طور ڏئي سگهن ٿا.

ڊاڪٽر ڊوري ٻڌايو ته ايڇ آءِ وي کان متاثر هزارين اهڙا مريض آهن، جن کي جگر ۽ گڙدن توڙي ٻين عضون جي پيوندڪاري جي ضرورت آهي، جن کي ڊگهو انتظار ڪرڻو پوي ٿو ۽ ڪيترائي ان دوران مري به وڃن ٿا پر هاڻي متاثر مريض ٻئي متاثر مريض کي عضون جو عطيو ڏئي سگهي ٿو، جنهن سان متاثر مريضن کي گهڻو انتظار نه ڪرڻو پوندو.

ڊاڪٽرن موجب جگر جي پوندڪاري ڪرائيندڙ مريض توڙي ان کي جگر عطيو ڪندڙ عورت پنهنجا نالا راز ۾ رکڻ جي اپيل ڪئي آهي، جيڪي ٻئي 25 سالن کان ايڊز ۾ مبتلا آهن.

ڊاڪٽر ڪرسٽين ڊورينڊ جو چوڻ هو ته ايڇ آءِ وي کان متاثر مريضن جا عضوا هڪٻئي ۾ لڳائڻ سان نئين بيماري پيدا ٿيڻ جو به خطرو ٿي سگهي ٿو.

انگن اکرن موجب هن وقت رڳو امريڪا ۾ هڪ لک 20 هزار مريض عضون جي پيوندڪاري جي اوسيئڙي ۾ آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*