بدين ويجهو شادي جي تقريب دوران زهريلو کاڌو کائڻ سبب 38 ڄڻا بيهوش ٿي ويا

badin-bihosh

بدين ويجهو شادي جي تقريب دوران زهريلو کاڌو کائڻ سبب 38 ڄڻا بيهوش ٿي ويا، جن کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

ڳوٺ ليمون دل ۾ شادي جي ڪاڄ دوران زهريلو کاڌو کائڻ سبب عورتن ۽ ٻارڙن سميت 38 ڄڻا بيهوش ٿي ويا.

متاثرن ۾ 10 ٻارڙا، 12 عورتون شاملن آهن، جن کي بدين جي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

علائقي واسين جو چوڻ هو ته شادي جي تقريب دوران مهمانن کي گذريل  ڏينهن وارا پاروٿا چانور کائڻ  لاءِ  ڏنا ويا، جنهن سبب ڳوٺاڻا بيهوش ٿيا آهن…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*