وفاقي اينٽي ڪرپشن ڪورٽ ٽڊاپ ڪرپشن جي 16 ڪيسز ۾ جوابدارن کي نقل ڪاپيون فراهم ڪري ڇڏيون

yousif-raza

وفاقي اينٽي ڪرپشن ڪورٽ ٽڊاپ ڪرپشن جي 16 ڪيسز ۾ جوابدارن کي نقل ڪاپيون فراهم ڪري ڇڏيون آهن، اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني جي ويجهي ساٿي فيصل صديقي کي پيش نه ڪرڻ تي عدالت سخت ناراضگي جو اظهار ڪيو.

ڪراچي جي وفاقي اينٽي ڪرپشن ڪورٽ ۾ ٽڊاپ ڪرپشن ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران مختلف جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، پر جوابدار فيصل صديقي کي پيش نه ڪرڻ تي عدالت سخت ناراضگي جو اظهار ڪيو.

عدالت جوابدارن جا پراڊڪشن آرڊر جاري ڪندي جيل اختيارين کي ايندڙ ٻڌڻي تي طلب ڪري ورتو آهي.

عدالت ٻڌڻي دوران 16 ڪيسز ۾ جوابدارن کي ڪيس جون مڪمل نقل ڪاپيون به فراهم ڪيون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*